Wednesday, 17 February 2016

نيٽ بال ٽيم جي رانديگرن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اسپورٽس اسڪالر شپ




ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ يونيورسٽي جي نيٽ بال ٽيم جي رانديگرن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي  اسپورٽس اسڪالر شپ جا چيڪ ورهايا. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ رانديگرن نجف ساٽي ۽ ڪامل راجپوت، جيڪي ايڇ اي سي جي نيٽ بال ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا هئا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن  پاران ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي نيٽ بال ٽيم کي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايڇ اي سي اسڪالر شپ ايوارڊ ڪئي وئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پنهنجي آفيس ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي، يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ رانديگرن نجف ساٽي ۽ ڪامل راجپوت کي چيڪ ڏنا،  آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي جي ٿيندڙ راندين دوران سڀني ٽيمن مان هائير ايجوڪيشن ڪميشن  جي جوڙيل ٽيمن مان رانديگرن کي ميرٽ تي چونڊيو ويندو آهي، جيڪي نيشنل چئمپين شپ ۽ نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندا آهن. ياد رهي ته اهڙي چئمپين شپ حميري هال اسلام آباد ۾ پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن تحت کيڏي وئي. ۽ ٻنهي رانديگرن نيشنل چئمپين شپ نيٽ بال ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي،  

PRESS RELEASE (16.2.2016)

PRESS RELEASE (16.2.2016)


ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر اصغر چنا ملاقات ڪئي، وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ اعليٰ تدريسي ادارن جي ٻنهي سربراهن وچ ۾  سنڌ جي تعليمي  ۽ تحقيقي مامرن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي وائيس چانسلرس يونيورسٽي جي سيڪيورٽي نظام ۽ تعليمي ماحول کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان مختلف مامر بحث هيٺ آيا.


PUBLIC RELATIONS OFFICER

NIGERIAN DELEGATE VISITS SAU TANDOJAM

HYDERABAD (PRESS RELEASE) A Nigerian delegate visited Sindh Agriculture University Tandojam to share experience on capacity building for development of Anti Snake Venom locally at Nigeria. Headed by Prof Shehu Riskuwa a team visited Experimental Animal Faculty and Molecular Laboratory at SAU Tandojam and discussed collaboration parameters aimed at ASV development in Nigeria.


Professor Shehu Riskuwa, the former Vice Chancellor of Sokoto University Nigeria during visit of SAU Tandojam Pakistan met the SAU Prof. DR. Mujeeb Sahrai Vice Chancellor, to appreciate the efforts for producing ASV for Pakistan, and now for extending the cooperation for capacity building of Nigerian universities. Dr. Achor Muhammad a Pharmacy scientist from Nigeria also accompanied Prof. Riskuwa during this visit.

Under a joint research project, SAU Tandojam Pakistan together with Peoples University of Medical and Health Science Nawabshah and Sindh University Jamshoro will be working on capacity building of some Nigerian universities so as they can produce ASV locally at Nigeria.

SAU Vice Chancellor expressed that Sindh Agriculture University Tandojam would encourage collaboration between Nigerian and Pakistani Universities aimed at development of ASV.
During meeting experts informed that there is drastic shortage of ASV in entire African sub Sahara since last many decades and thousands of people are dying every year in almost 58 countries of African continent. Nigeria being the most populous country is having the highest number of snakebites cases in Africa.
Experts told that that Anti snake venom has been developed with technical contribution of three universities including SAU Tandojam where experimental animal facility paved the avenue to develop baseline data that made proposed a reality.

Dr Naeem ul Haque Qureshi, Project Director Anti snake Vaccine Project Govt. of Sindh, Dr Mohammad Bux Bhurgri, from University of Sindh, Dr Allah Bux Ghanghro and Dr A G Arijo, Expert from Sindh Agriculture University Tandojam were present during discussion


W Category” in country wide Universities in Quality Enhancement Cell QEC.

Honor for SAU
HYDERABAD: Sindh Agriculture University SAU achieved “W Category” in country wide Universities in Quality Enhancement Cell QEC.

Quality Assurance Agency of Higher Education Commission HEC accessed the progress of the Quality Enhancement Cells, established in the public and private Universities of the Pakistan.
In this regard as per the latest quantitative assessment, QEC of Sindh Agriculture University Tandojam obtained score of 85% from 100 numbers, for the period of 2014-2015; SAU achieved top “W Category” in Universities of Pakistan.

Dr Mujeeb Sahrai, Vice Chancellor, SAU Tandojam appreciated the efforts and involvement of Engr. Riasat Ali Kubar as head of QEC and also Head of the different Departments, Dr Sahrai said that Engr. Riasat Ali Kubar will continue his efforts to achieve goals of strengthening the internal quality assurance processes, more effectively and with efficiency.


هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي يونيورسٽين


ٽنڊوڄام(پريس رليز) هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي يونيورسٽين جي معيار واري درجه بندي جي ڇنڊڇاڻ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام اعليٰ معيار جو لاڳيتو اعزاز قائم رکندي، هن ڀيري  به ڊبليو ڪيٽيگري جو اعزاز ماڻي ورتو آهي، خبر موجب ملڪ جي مڙني يونيورسٽين لاءِ شعبن جي جوڙجڪ توڙي معيار جانچڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران قائم ڪيل ڪوالٽي اشوئرنس ايجنسي پاران سال 2014-2015 لاءِ ڪيل ڇنڊڇاڻ ۾ سنڌ جي واحد زرعي مادر علمي سنڌ زرعي يونيورسٽي کي پنهنجي اعليٰ ڪيٽيگري جو اعزاز سان نوازيو ويو آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجو لاڳيتو رڪارڊ قائم رکندي، 85-سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون، جنهن بعد مادرعلمي، ايڇ اي سي جي اعليٰ اعزاز “ڊبليو ڪيٽيگري” جو درجو قائم رکيو، اهڙو اعزاز سنڌ زرعي يونيورسٽي گذريل ڪيترن سالن سان حاصل ڪري پنهنجو اعزاز قائم رکندي پئي اچي، ان ڏس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪوالٽي اشوئرنس ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد رفيق بلوچ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ يونيورسٽي جي اتنظامي ۽ شعبن جي جوڙجڪ بابت اعليٰ معيار قائم رکڻ جي ڄاڻ ڏيندي، يونيورسٽي جي ڪوالٽي انهانسمنيٽ سيل جي سربراهه انجنيئر رياست علي ڪٻر جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي، هوڏانهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي يونيورسٽي جي معيار بابت مليل ان اعزاز ۾ شعبن جي سربراهن توڙي ڪيو اي سي جي انچارج انجنيئر رياست علي ڪٻر جي گڏيل جدوجهد جي ساراهه ڪندي يونيورسٽي سراسري درجه بندي کي بهترين نمبرن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، وائيس چانسلر چيو ته اسان کي گڏجي عهد ڪرڻ گهرجي ته اداري جي ترقي ۾ پنهنجو پنهنجوحصو ۽ ڪم مڪمل ايمانداري ۽ محنت سان سرانجام ڏيندا رهنداسين.


هائير ايجوڪيشن جي قائدن جي روشني ۾ يونيورسٽي پنهنجي نصاب، تدريسي عملي




ٽنڊوڄام (پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن جي قائدن جي روشني ۾ يونيورسٽي پنهنجي نصاب، تدريسي عملي ۽ شعبن جي جوڙجڪ ۾ ترقي ڪئي آهي. ڪالهه هائيرايجوڪيشن ڪميشن، نيشنل ايگريڪلچرل ايجوڪيشن ايڪريڊيشن ڪائونسل پاران انڊرگريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۽ ان ۾ پڙهايا ويندڙ مضمونن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ منعقد ڪيل ورڪشاپ دوران ڳالهائيندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته يونيورسٽي ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، سوشل سائنس ۽ فوڊ ٽيڪنالوجي سميت مختلف ڪورس پڙهايا وڃن ٿا، جنهن جو معيار انتهائي بهترين آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي تدريسي عملي ۾ 60-سيڪڙو استاد، ملڪي ۽ غير ملڪي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪيل آهن، هائيرايجوڪيشن ڪميشن، نيشنل ايگريڪلچرل ايجوڪيشن ايڪريڊيشن ڪائونسل جي پروگرام سيڪريٽري پروفيسر نصير عالم چيو ته يونيورسٽين ۾ تعليمي ۽ تحقيقي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي طئي ڪيل ظابطن ۽ معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي، هن چيو ته بهترين ادارن جي معيار کي قائم رکڻ ۽ ٻين ادارن سان مقابلي ۾ بيهڻ لاءِ شعبن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهرجي، يونيورسٽي ۾ آن لائين، نيشنل لنڪيجز پروگرام، آبادگارن جي لاءِ توسيعي پروگرام ۽ تدريسي عملي جي شاگردن جي تناسب سان مقرري سميت مختلف معيارن کي نظر ۾ رکڻ ۾ گهرجي، بعد ۾ ٽيم کي بريفنگ ڏيندي مختلف شعبن جي سربراهن ۽ ڊين صاحبان ڊاڪٽر ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر ظهيرالدين ميراڻي، ڊاڪٽر عنايت حسين راجپر،.ڊاڪٽر تاجور سلطانه سيد، ڊاڪٽر اعجاز، زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي پرنسپال ڊاڪٽر عبدالغفور مگسي، خير پور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي پرنسپال ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو، ڊاڪٽر تهمينه نانگراج، ڊاڪٽر عمران کتري، محمد ايوب بلوچ، ڊاڪٽر جان ايم مري، ڪنٽرولر ايگزمنيشن انجنيئر رياست علي ڪٻر، ڊاڪٽر اعجاز سومرو ۽ ٻين پنهنجي شعبن بابت ٽيم کي بريفنگ ڏني.


مٺل جسڪاڻي تعليمي سفرنامو لکي سنڌ ٻولي جي ادب ۾ نئين روايت قائم ڪئي آهي


ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته مٺل جسڪاڻي تعليمي سفرنامو لکي سنڌ ٻولي جي ادب ۾ نئين روايت قائم ڪئي آهي، جڏهن ته ڪتابن سان دوستي ڇڏڻ جي سماجي برائي کي هٿي ملي آهي، نامياري زرعي ماهر ۽ اديب پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي پاران سندس لکيل ڪتاب”سفر بخير“ بابت مختصر ويهڪ دوران استادن ۽ انتظامي ماهرن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته سنڌ ۾ ڪتاب پڙهڻ وارو رجحان ختم ٿي رهيو آهي، جيڪا هڪ ڳڻتي واري ڳالهه آهي، جنهن  سبب سنڌي ڪتاب شايع ٿيڻ گهٽجي ويا آهن، هن چيو ته پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي جو تعليمي سفرنامو انتهائي بهترين انداز سان لکيل آهي ۽ اهڙا سفرناما لکجڻ گهرجن، خاص طور تي شاگردن کي اهڙن تعليمي سفرنامن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان کين ٻين ادارن، قومن ۽ تدريسي ماحول جي بهتر ڄاڻ ملي سگهندي، ان موقعي تي پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي پنهنجي سفرنامي بابت وائيس چانسلر کي آگاهي ڏني، جڏهن ته ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي ۽ ٻين به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.